بياض مائل ٺٽوي (قلمي)

بياض مائل ٺٽوي (قلمي)

بياض مائل ٺٽوي قلمي

بياض مائل ٺٽوي (قلمي): هي بياض مير غلام علي مائل ٺٽوي جي فارسي شاعري تي مشتمل آهي. هن بياض ۾ مائل جا مخمس، قصيده، رباعيون، مثنويون ۽ قطعه تاريخون موجود آهن. 92 صفحن تي مشتمل هن بياض ۾ موجود ڪلام فارسي ٻوليءَ ۾ آهي، جيڪو تمام اهم آهي. بياض جي شروعات هيئن ٿئي ٿي:
’چه دارد غم از گردش روزگار
که ساغر کشد موسم نو بهار...‘
بياض جو اختتام هيئن ٿئي ٿو:
’نامهء اعمال مِن کشته سياه
جز پشيماني ندارم عذر خواه
از کرم کن عفو تقصيرات من
اي کريم مابحق پنجتن‘
92 صفحن تي مشتمل هي بياض مير مائل جي هٿ اکرن سان لکيل آهي، جنهن ۾ ڪٿي خط نستعليق ته ڪٿي خط شڪسته استعمال ٿيل آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو